مريد عباس

مريد عباس

مريد عباس

مريد عباس: مشھور راڳي شھيد مريد عباس ڪٽپر 10 اپريل 1973ع تي شھر نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد عالم ’مداح‘ ڪٽپر جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد به راڳي، شاعر ۽ اِسٽيج اَداڪار هو. مريد عباس ابتدائي، ثانوي ۽ اَعلى ثانوي تعليم نئين ديري ۽ رتيديري مان حاصل ڪئي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان بي. اي ڪرڻ کانپوءِ ميونسپل ڪاميٽي، نئين ديري ۾ ڪلرڪ طور ڀرتي ٿيو. کيس موسيقيءَ جو شوق پنھنجي والد کي ڏسي ٿيو. شاگرديءَ واري زماني کان اسڪول جي غيرنصابي سرگرمين ۾ نعت توڙي قومي گيتن جي مقابلن ۾ حصو وٺندو رهيو. سندس صلاحيتون ڏسي کيس اسٽوڊنٽ اسڪائوٽ طور به چونڊيو ويو، جنھنڪري اسڪائوٽنگ جي منعقد ٿيندڙ پروگرامن ۾ به هن پنھنجو فن پيش ڪيو. راڳ جي سِکيا اُستاد عبدالغني اياز ڀٽي ۽ غلام شبير سمي وٽان حاصل ڪرڻ کانپوءِ هي ڪئسٽ جي دُنيا جو مقبول عوامي راڳي ٿيو. سندس پھريون آڊيو البم 1997ع ۾ جاري ٿيڻ کان وٺي 1999ع ۾ شھادت تائين ڪيترائي آڊيو البم رليز ٿيا. کيس ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پروڊيوسر ڪوثر ٻُرڙي متعارف ڪرايو، سندس آواز ۾ ڪيترائي ڪلام ريڊيو ۽ ٽي. وي تي نشر ٿيا. شھادت کانپوءِ به سنڌ جي ڪمپنين سندس آواز ۾ آڊيو البم جاري ڪيا. محرم جي ڏينھن دوران سندس آواز ۾ ڪيترائي نوحن جا اَلبم پڻ رليز ٿيا. 27 مارچ 1999ع تي نئين ديري شھر ۾ کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، سندس تدفين نئين ديري جي پير چوڍيل شاهه قبرستان ۾ ٿي.


لفظ مريد عباسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.04.10  عيسوي

مشھور راڳي شھيد مريد عباس ڪٽپر 10 اپريل 1973ع تي شھر نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد عالم ’مداح‘ ڪٽپر جي گهر ۾ پيدا ٿيو.


1999.03.27  عيسوي

شھيد مريد عباس کي 27 مارچ 1999ع تي نئين ديري شھر ۾ کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، سندس تدفين نئين ديري جي پير چوڍيل شاهه قبرستان ۾ ٿي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهڏنو جوڻيجو
شاهه محمد شاهه2
ريشمان
سلطانه سورٺ
صنم مارئي
استاد عاشق علي خان
خانصاحب اُستاد فتح علي خان
عرس چانڊيو
خادم حسين سمو
طاهره سيد
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون